عثمان احساني

عثمان احساني: نامور ڪلاسيڪل شاعر عثمان احساني، نامور شاعر شاهه ڪريم بلڙيءَ واري ۽ مخدوم نوح جو همعصر ٿي گذريو آهي. عثمان احساني 1572ع ڌاري بلوچستان جي شهر ڀاڳناڙيءَ ۾ پيدا ٿيو. کيس عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ تي دسترس حاصل هئي. هيءُ پنهنجي وقت جو نامور حڪيم هو. تعلقي لکي غلام شاهه جي ساداتن سان سنگت هئس. جنهن سبب 1640ع ڌاري لڏي اچي لکي غلام شاهه، ضلعي شڪارپور ۾ ويٺو. ‘تذڪره شعراءَ سکر’ جي ليکڪ موجب عثمان احساني، شاهه ڪريم کان ٿورو پوءِ ۽ شاهه لطيف کان اڳ ٿي گذريو آهي.” قاضي قاضن کانپوءِ هي ٽيون وڏو شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ جو ڪتاب ‘وطن نامو’ نامڪمل حالت ۾ ملي ٿو. مخدوم پير محمد لکوي سندس همعصر شاعر چيو وڃي ٿو. نامور محقق دين محمد وفائيءَ موجب عثمان احسانيءَ جي ڪلام جو ڪتاب 12 صدي هجريءَ جو لکيل آهي، ۽ ڪنهن ٻئي ڪتاب تان نقل ٿيل آهي. جنهن ۾ موت جو ذڪر نهايت پراثر ۽ درد انگيز نموني ڪيل آهي.” عثمان احسانيءَ جا بيت، ڇهن، ستن سٽن تي ملن ٿا، جن ۾ هن نوان تجربا ڪيا. جڏهن ته ان کان اڳ جي شاعرن جا بيت ٽن سٽن تي ملن ٿا.
عثمان احساني سنڌ جي پهرئين گهڻ سٽي بيت جو موجد چيو وڃي ٿو. هن 1664ع ۾ وفات ڪئي. سندس شاعريءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
اُٿي ويهه م ويلو، اٿي دنيا ڪوئي دم،
سانباهه جو ساٿيا، فڪر ڪر فهم،
تون وڻجارو آهين، کٽي وجهه مَ خم،
ستي ڇڏ سعيو ڪري، دل جو ڪر اُدم.


لفظ عثمان احسانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو